خٽڪ خالد خان

خٽڪ، خالد خان: خالد خان خٽڪ قرق ضلعي جي هڪ ڳوٺڙي ٽيري ۾ 22 سيپٽمبر 1946ع تي جنم ورتو. هن پشاور يونيورسٽيءَ مان ايم. اي اردو (گولڊ ميڊل) ايم. اي پشتو (فرسٽ ڪلاس فرسٽ)، ايم. اي اسلاميات ڪئي. 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ’سنڌي، پشتو اور اردو ڪي لساني روابط‘ عنوان سان تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. خالد خٽڪ 1973ع کان 1978ع تائين حيدرآباد ۾ رهندي سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن عالمن ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ ڊاڪٽر
قاضي خادم کان سنڌي سکيو. ڊاڪٽر خالد خان خٽڪ جي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل هيءَ تحقيق ۽ خدمت تحسين لائق آهي. هن مرڪزي سرڪار جي اسڪالرشپ تي لنڊن جي اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز مان لسانيات جي تربيت حاصل ڪئي ۽ 1988ع ۾ پشتو ۾ به پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس رهنمائي، تاريخي لسانيات جي مشهور پروفيسر ٿيوڊورابائنن صاحبه ڪئي. سندس مقالي جو عنوان ’پشتو فعل جي حوالي سان پشتو گرامر جو مطالعو‘ هو.
خالد خان خٽڪ 1969ع کان سرحد سرڪار جي ڪاليجن ۾ پهريائين ليڪچرار پوءِ اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿيو. هن کي نه صرف اردوءَ تي مڪمل دسترس آهي، پر هو سنڌيءَ تي به مڪمل مهارت رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.09.22  عيسوي

خالد خان خٽڪ قرق ضلعي جي هڪ ڳوٺڙي ٽيري ۾ 22 سيپٽمبر 1946ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن پٽ رڪن الدين خطاط
ابراهيم بلوچ
سروجني نئڊو
خليفو محمد سجاول خان
جتوئي عابد حسين
عدنان صديقي
سندر ڀڳوانداس
ديوان محمد اقبال
جوش شيخ عبدالحليم
اقليدس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون